سرهندي پير بهاءُ الدين بها

سرهندي پير بهاءُ الدين بها

پير بهاءُ الدين بها سرهندي

پير بهاءُ الدين بها سرهندي: موسيقيءَ جي ماهر ۽ شاعر، پير بهاءُ الدين ’بها‘ جو پورو نالو پير بهاءُ الدين ولد پير نثار احمد سرهندي آهي. سندس خاندان مشهور پير طريقت، حضرت مجدد الف ثانيءَ جي اولاد مان آهي. پير بهاءُ الدين جو والد مٽياريءَ جي بزرگ آغا عبدالرحيم سرهنديءَ جو پوٽو آهي. آغا صاحب جي درگاهه هزارين عقيدتمندن جي فيض جو سرچشمو رهي آهي ۽ اڄ به هزارين عقيدتمند هن درگاهه تان فيض حاصل ڪندا رهندا آهن. پير بهاءُ الدين، مٽياري شهر ۾، 11 مارچ 1954ع ۾ جنم ورتو. پاڻ پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين تعليم مٽياريءَ ۾ حاصل ڪيائين. مسلم ڪاليج حيدرآباد مان انٽر ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 1973ع ۾ بي. اي (آنرس) ڪيائين. 1975ع ۾ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل. ايل. بي ڪرڻ بعد 1978ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (اقتصاديات) ڪيائين. پير صاحب زمينداري پيشي سان وابسته آهي. سندس طريقت جي حوالي سان نقشبندي مسلڪ سان واسطو آهي. ديني علمن ۽ تصوف تي وسيع مطالعو رکي ٿو ۽ ان حوالي سان سندس شمار سنڌ جي ڳاڻ ڳڻين شخصيتن ۾ ٿئي ٿو. پير صاحب کي ننڍپڻ کان وٺي شاعريءَ جو شوق رهيو. 11-12 سالن جي عمر کان شاعري ڪيائين. شاعريءَ ۾ ’بها‘ تخلص ڪم آڻيندو آهي. غزل تي ملڪو حاصل اٿس. سنڌي ادبي سنگت مٽياريءَ جون گڏجاڻيون ڪـيـترا سـال سـندس اوطاق تي ٿينديون رهيون. ڪاروان ادب سنڌ مٽيـاريءَ جي ادبي اجلاسن کان سواءِ ڀٽ شاهه، هالا توڙي سنڌ اندر مشاعرن جي محفلن ۾ شرڪت ڪندو رهندو آهي. پير بهاءُ الدين ’بها‘ هن وقت موسيقيءَ جي وڏن ڄاڻن ۾ شمار ٿئي ٿو. کيس شاعري ۽ موسيقيءَ سان ننڍپڻ کان وٺي شوق ۽ شغف رهيو. استاد منظور علي خان جي سوٽ استاد رشيد علي خان کان باقاعدي موسيقيءَ جي سکيا ورتائين. سنڌ ۾ موسيقيءَ جي وڏن ڄاڻن، پير غلام رسول شاهه ميرپورخاص واري، پير مٺن شاهه ۽ پير غلام حيدر شاهه ڀٽ شاهه واري ۽ پير محمد زمان شاهه مٽياريءَ واري سان پير بهاءُ الدين ’بها‘ جو جوڙ رهيو. مٽياريءَ ۾ پير محمد زمان شاهه ۽ سندس اوطاق تي موسيقيءَ جون وڏيون وڏيون محفلون ٿينديون رهيون آهن. لاهور جا مشهور گويا حسين بخش گلو، استاد تصدق علي خان، استاد ذاڪر خان، استاد شرافت علي خان، قاضي احمد جو استاد مٺو خان ميراثي، استاد مجيد خان سارنگي نواز، استاد منظور علي خان ۽ ٻيا پير صاحب جي اوطاق تي موسيقيءَ جي محفلن ۾ اچي شريڪ ٿيندا هئا. پير محمد زمان شاهه ۽ پير امجد شاهه جيلانيءَ سان سندس خاص تعلقات رهيا آهن. پير صاحب لاهور ۾ ٿيندڙ آل پاڪستان ميوزڪ ڪانفرنس ۾ هر سال شريڪ ٿيندو هو، جنهن ڪانفرنس جو سيڪريٽري حيات محمد خان هو. اهي ڪانفرنسون اڃا تائين ٿينديون آهن. پير صاحب ڪيترا ڀيرا بهاولپور ۾ ٿيندڙ موسيقيءَ جي محفلن ۾ گويا وٺي وڃي شريڪ ٿيندو هو. شاهه لطيف جي عرس تي ٿيندڙ هر سال موسيقيءَ جي محفلن ۾ باقاعدگيءَ سان شريڪ ٿيندو آهي. ٽن سالن تائين ’شاهه لطيف اوارڊ‘ ڪميٽيءَ جو جج پڻ رهيو. صاحب جي شاعري رسالن ۽ مخزنن ۾ ڇپجندي رهي آهي، پر اڃا سندس ڪو شاعريءَ جو مجموعو شايع نه ٿيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.03.11  عيسوي

پير بهاءُ الدين، مٽياري شهر ۾، 11 مارچ 1954ع ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حڪيم الهندو خان جويو
پلي حاجي
عبدالحليم غفاري علامه
پارپتي رميش لعل آڏواڻي
افلاطون
سليم الزمان صديقي
سنت مهر بخش
شرمين عبيد چناءِ
چاندو فقير
رسول بخش خان ڀٽو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون